عبدالستار زرگر

عبدالستار زرگر

عبدالستار زرگر

عبدالستار زرگر: عبدالستار ولد جان محمد زرگر، 11 اپريل 1941ع تي بدين ۾ ڄائو. سندس والد بدين ۾ سونارڪو ڌنڌو ڪندو هو. هن پرائمري تعليم بدين مان حاصل ڪئي. اها ئي سندس تعليم هئي. پاڻ 1985ع ڌاري بدين مان سڄي ڪٽنب سميت ڪراچيءَ ۾ مستقل رهائش پذير آهن. بدين جي مشهور مهراڻ دواخاني جو باني حڪيم الحاج محمد عثمان کٽي ۽ انڪم ٽيڪس جو ڪمشنر عبدالغفور جوڻيجو (مرحوم) سندس هم ڪلاسي ۽ بهترين دوست هئا.عبدالغفور جوڻيجي جي تعاون سان 1978ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڀائي خان چاڙهيءَ تي هن اسٽار پرنٽنگ پريس کولي، جنهن ۾ مشهور اديبن جا ڪتاب شايع ٿيا. ان دوران اسٽار ٽائپ فائونڊري کولي، ان وقت ۾ سنڌي 12،14، 12 بليڪ ۽ ھيڊنگ لاء 24 36 پوائنٽ سائيز جي ٽائپ استعمال ٿيندي ھئي، ان ۾ ننڍا توڙي وڏا اکر ٺاهي انهيءَ ۾ به جِدت آندائين ۽ ٽائپوگرافيءَ سان دلچسپي هئڻ ڪري سندس فونٽن سان لڳاءُ ۽ دلچسپي رهي. ايپل سسٽم تي ڪمپيوٽر آيو ته پاڻ ان ۾ فونٽ ٺاهيائين. نه رڳو ايترو پر مڪمل ‘سورة ياسين’ سنڌي ترجمي سان عربي ۽ سنڌيءَ ۾ پنهنجا ئي ٺاهيل فونٽ استعمال ڪري پاڻ ڪمپوز ڪري شايع ڪيائين. جڏهن يونيڪوڊ رائج ٿيو ته پاڻ ان ۾ تقريباً 50 کن فونٽ ٺاهيائين. سنڌي ڪمپيوٽنگ جي وڏي نالي عبدالماجد ڀرڳڙيءَ سان سندس ويجھڙائپ، عبدالغفور جوڻيجي جي معرفت ٿي، جنهن فونٽن جي حوالي سان سندس تمام گھڻي رهنمائي ڪئي. اڪبر خشڪ، ظھير ميراڻي ۽ نديم لوڌي به سندس رھنما رھيا. صوفي منش انسان عبدالستار زرگر سنڌي فونٽن تي جيڪو ڪم ڪيو تنھن ۾ هن جي نه ته ڪا لالچ ھئي ۽ نه ئي ڪو نالو ڪڍائڻ جي خواھش، بس ھڪ عشق ۽ دلي خواھش ته ڪمپيوٽر تي به سنڌيءَ ۾ لکجي. انهيءَ عشق ۾ هن هڙان وڙان خرچ ڪيو. عبدالستار زرگر جيڪي فونٽ ٺاهيا آهن، سي تمام بهترين دلڪش ۽ سُٺين صورتن ۾ آهن. توڙي جو انهن ۾ اڃا به بهتري ۽ نواڻ جي گھڻي گنجائش موجود آهي ۽ ڪن فونٽن تي صحيح نموني زبر، زير، پيش، شد، مد يا جزم نه ٿي لڳي. پوءِ به سندس پهرين ڪوشش سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهم آهي. عبدالستار زرگر نه رڳو سنڌي زبان ۾ پر ڪجھه اهڙا فونٽس به ٺاهيا آهن جيڪي ايم بي سنڌيءَ جي ڪيبورڊ ۾ ئي اردو لکي سگھن ٿا، جنهن سان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مضمون يا ڪتابي لکت جي وچ ۾ ايندڙ اردو عبارت لکڻ ۾ آساني ٿيندي. ٻيو ته اهڙو فونٽ سنڌي ڪيبورڊ تي هريل ماڻهو آسانيءَ سان اردوءَ لاءِ استعمال ڪري سگھي ٿو.


لفظ عبدالستار زرگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.04.11  عيسوي

عبدالستار ولد جان محمد زرگر، 11 اپريل 1941ع تي بدين ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اجمل بيگ مرزا
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
پنهور رشيده اختر
رحيم خان کوسو
ڀڳت ارجن ڪنواڻي
حاجي خان مڱڻهار
بچل شاهه (بزرگ)
ابڙو علامه علي خان
آدم ٻٽ ڊاڪٽر
آنند رامچند گولاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون